ڄام ڪرارالدين

ڄام ڪرارالدين

ڄام ڪرارالدين

ڄام ڪرارالدين: ڄام ڪرارالدين ولد ڄام ولي محمد ڪوريجي، 15 جون 1929ع ڌاري چنيجا، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سنڌي 4 درجا چنيجا جي اسڪول مان پڙهيو. مڊل ڏيپارجا مان پڙهڻ بعد ستين درجي تائين مدرسي هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ (1947ع) ۾ پاس ڪيائين. ان وقت پوري سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ٽي سينٽر: ڪراچي، شڪارپور، ۽ حيدرآباد هوندا هئا. هن ان وقت ۾ ڪراچي سينٽر ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. بي. اي جو پهريون سال ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻيو سال سنڌ يونيورسٽيءَ 1951ع مان مڪمل ڪيائين. ايل. ايل. بي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ ڪيائين. 1954ع کان وڪالت جي پيشي سان وابسته ٿيو. پهريون سال ڪراچي ۽ پوءِ موري ۾ وڪالت ڪيائين. لڳاتار 10 سالن تائين فيلڊ مارشل ايوب جي دؤر ۾ يونين ڪائونسل لليا پتڻ جو چيئرمئن رهيو. ان کان پوءِ لوڪلبورڊ نوابشاهه جو ميمبر رهيو. ان کان پوءِ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1985ع کان سياسي وابستگيون غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي پارٽيءَ سان رهيس، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. 1988ع جي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ رضا محمد ڏاهريءَ کان هارائي ويو. 97-1991ع تائين سينيٽر چونڊيو، پوءِ رٽائر ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس فرزند ڊاڪٽر ڄام نور محمد سياست ۾ آيو، جيڪو پهريون ڀيرو 2005ع وارين چونڊن ۾ تعلقي ڪائونسل موري جو ناظم چونڊيو ويو. ڄام ڪرار الدين سينيٽر هئڻ کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا دورا پڻ ڪيا آهن


لفظ ڄام ڪرارالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.06.15  عيسوي

ڄام ڪرارالدين ولد ڄام ولي محمد ڪوريجي، 15 جون 1929ع ڌاري چنيجا، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. لڳاتار 10 سالن تائين فيلڊ مارشل ايوب جي دؤر ۾ يونين ڪائونسل لليا پتڻ جو چيئرمئن رهيو. ان کان پوءِ لوڪلبورڊ نوابشاهه جو ميمبر رهيو. ان کان پوءِ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمشاد غوري
جانڪي دادي
آخوند اقبال احمد
ذوالفقار شاهه
ڏاهري غلام محمد
حُسين بخش عرف حَسڻي خان
ڊيلز جارج فرينڪلن
پير محمود الحسن جان سرهندي
دادا ڀائي ڦالڪي
ابراهيم آڌيلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون